Sunday 18 March 2012

Posted by Unknown
No comments | 23:41
”مٺياڻي جي عظيم شخصيتن مان هڪ (سائين غلام صديق پٺاڻ) جي زندگيءَ جو مختصر احوال (سندس زباني)“     
                                         9 نومبر 1938ع جو صبح هو، اهو ڏينهن ڇنڇر جو هو، ۽ هي جسم وجود ۾ آيو. هڪ ڇنڇر ڏينهن جنم ٿيو ٻيو وري بابا سائين ”حاجي احمد فقير“ نالو ”غلام صديق“ رکيو. ڇنڇر جي ڏينهن جنم وارا سڄي عمر محنت مشڪت ۽ ڏکن ڏولاون ۾ گزاريندا آهن. جهڙي طرح حمل فقير چيو ته ”ڇنڇر آيم ڏينهن ڇلي ڏکن ڏولاون منجھ ڏلي“ ويتر غلامي جو ڳٽ. شڪر آهي جو غلامي سچن جي ڪرڻي پئي، اهڙي طرح دنيا وارا يعني پنهنجا مٽ مون کان بيزار ٿي پيا آهن.
                 جنم ڳوٺ گاجي مشوري (پراڻو) ۾ ٿيو جيڪو تعلقي نوشهرو فيروز ۾ هو ۽ آهي. پرائمري تعليم گاجي مشوري جي ”مسلم اسڪول“ ۾ ۽ ڪجھ ”پي ايس“ ابجي ۾ حاصل ڪئي ڇاڪاڻ ته گاجي مشوري درياءُ بادشاهه پائي ويو، 1947 ۾ واڻيا مٺياڻي خالي ڪري ويا ۽ اسين لڏي اچي مٺياڻي ۾ ويٺاسون ۽ اهڙي طرح پرائمري تعليم پوري ڪري 1953 ۾ ان وقت جي فائينل امتحان ۾ پاس ٿياسون ان وقت منهنجي عمر تقريبن 14 سال کن هئي. تنهنڪري سرڪاري نوڪري جي لائق نه هيس جو کڻي استاد ٿيان ها!
                   بابي سائين مون کي حڪمت سکڻ لاءِ حڪيم فيض محمد مشوري وٽ ڇڏيو، پر اٺن ڏينهن کان پوءِ بابا سائين چيو ته آءٌ مامي شفيع محمد وٽ لوهارڪو ڪم سکان جيڪو اسان جو ناناڻڪو ڌنڌو هو ۽ وڃي لوهارڪو سکڻ لڳس ڪجھ ڏينهن کانپوءِ بابا سائين فرمايو ته لوهارڪو ڇڏ ۽ هاڻي اچي درزڪو ڌنڌو سک جيڪو استاد محمد يعقوب ڌوڪي وٽ سکيس. ڇهه مهينا ڪم سکيس ۽ هاڻي پنهنجي منهن ڪم ڪرڻو جهڙو ٿي ويس. 1956 ۾ منهنجي شادي ابجيءَ جي معزز شخص ”سلطان خان لوهر“ جي نياڻي سان ڪرائي وئي. جلد ئي ميرٽ جي بنياد تي ماستري 1957 ۾ ”خان محمد لنڊ پرائمري اسڪول“ ۾ ٿي. ان وقت هڪ نئين استاد جي پگهار صرف 60روپيه هئي. جيئن ته درزڪو ڪم اڳيئي ڄاڻندو هيس تنهنڪري هي ٿورڙي پگھار مونکي مطمئن نه پئي ڪري ٻيو ته جوانيءَ جي الڙپن به مونکي نوڪري ڪرڻ نه ڏني. هڪ ڏينهن دخليڪار ٿيس ۽ ٻئي ڏينهن ڊيوٽي ڏنم ۽ ٽئين ڏينهن اسڪول کي الوداع چئي بچهري اسٽيشن تان گاڏيءَ ۾ ڳوٺ هليو آيس ۽ استعفا به گاڏيءَ جي دٻي ۾ لکي ۽ وجھي ڇڏيم جيڪا منهنجي ڳوٺ پهچڻ کان شايد اڳ ۾ پهتي هوندي. اهڙي طرح پهرئين نوڪري ائين وڃايم جو ڏاڍو پڇتايم ته مون هي ڇا ڪيو؟ پر تيِر ڪمان مان نڪري چڪو هو. آءٌ واپس اچي درزڪو ڪم شروع ڪيو. ڪجھ وقت کانپوءِ خان صاحب محمد يعقوب سولنگي ڪوڙي جي ڀاڻن واري مونڪي سب داروغي ايرِيگيشن کاتي ۾ ڏني، سندس پوسٽنگ ان وقت سڪرنڊ ۾ هئي هُو صاحب ان وقت اسسٽنٽ انجينئر هو. ڪجھ عرصي کانپوءِ اها به ڇڏي آيس ۽ ڳوٺ اچي درزڪي ڪم کي شروع ڪيم. ٿورن ئي ڏينهن ۾ بابي سائين فرمايو ته ”آءٌ هاڻي پيرسن ٿي ويو آهيان تنهن ڪري تون مونسان ٻانهن ٻيلي ٿي“ مون ۾ ته انڪار جي ٻولي ڪانه هئي سو هائوڪار ڪري بابي سان ڊکاڻڪي ڪم ۾ شروع ٿي ويس. هنرمند ذهن هو سو سال کن ۾ پنهنجي منهن ڪم ڪرڻ جهڙو ٿي ويس. هُن وقت بابا سائين ڪمزور ٿي ويو هو تنهنڪري کيس گھر ۾ رهايم ۽ آءٌ اڪيلي سُر آهت سان منهن ڏنم، معنٰي اهو ماڻهو جنهن کان فصل تي حساب ڪجي باقي کيس جڏهن به ڪنهن ڪم جي ضرورت پوي ته ڪري ڏنو ويندو آهي. ان وقت منهنجو ذهن ۽ جسم بالغ هئا سو سوچيم ته ڪجھ محنت ڪري پنهنجي زندگي سڌارجي. سو ڊکاڻڪي سان گڏ هارپو به شروع ڪيم. ٻه ٽي سال انهيءَ ڪشمڪش ۾ گزري ويا پر ڏٺم ته رڳو پاڻ کي پتوڙيان پيو ۽ سک آرام وڃايان پيو باقي زندگي جي حالت ۾ ڪو به فرق نه پيو پوي. اوچتو هي ذهن تي تري آيو تهوتَرزُق مَن تَشآءُ بِغَيرِ حِسَاب پوءِ ڇو نه اهڙو ڌنڌو ڪجي جو جيءُ به خوش هجي ۽ پريشاني به گھٽ هجي. اهو خيال ڪري پنهنجي عظيم استاد، محسن ۽ سڄڻ استاد ۽ ڀاءُ عبدالحيُّ سولنگيءَ کي چٻو منهن ڪري چيم ته ادا! هاڻي ڏاڍو بڇڙو ٿيو آهيان هاڻي مهرباني ڪري ماستري وٺي ڏيو، پهريان ته انڪار ڪيائين ۽ چيائين ته اڳ ۾ نوڪري خواه مخواهه ڇڏي ڏنئي ۽ هاڻي وري ڪيئن ڪندين. گھڻي منت ميڙ ڪرڻ کانپوءِ خانصاحب جيڪو سندس ڀاءُ هيو، معرفت آرڊر وٺي ڏنائين نه رڳو ايترو پر مونکي وٺي اسڪول دادن بروهي برانچ عطر جوکيو ۾ ڇڏي آيو. الله! وڏن گڻن جو مالڪ هو. ڪڏهن ڪنهن شاگرد کي ائين نه چيائين ته تون مون وٽ پڙهيو آهين يا شاگرد آهين. ڪنهن تي احسان ڪندو هو ته اهو زبان تي نه آڻيندو هو. هر وقت ٻئي لاءِ پيو سوچيندو هو. پنهنجي پرواهه ڪڏهن به نه ڪيائين مونکي به فائنل ان ئي پاس ڪرائي هئي. سچ پڇو ته ان جي وفات کانپوءِ تعليم جو جنازو کڄي ويو.
             16 سيپٽمبر 1963 ۾ آرڊر مليو دادن بروهي ۾ امتحان ڏياريم پوءِ ٻڍاپور اتر نوابشاهه ۾ تبادلو ٿيو ساليانو امتحان ڏياريم 1965 ۾ مونکي ٽريننگ لاءِ مٺياڻي ڪاليج ۾ چونڊيو ويو ٽريننگ جو سال ڏاڍو مزي سان گذاريو سون. چند شاگرد هئاسون جيڪي هر ڪم ۾ پيش پيش هوندا هئاسون انهن ۾ آءٌ به هڪ هيس. انهيءَ سال يعني 1966 ۾ مون ڪاليج به پاس ڪيم يعني (J.V ٽريننگ) ڊرائنگ جي انٽر پاس ڪيم ۽ مئٽرڪ به پرائيويٽ نموني پاس ڪيم. ڪاليج کانپوءِ مونکي اسڪول ”طيب ڏاهري“ مليو. هي اسڪول سردار احمد پنجابي جي برانچ هو ۽ مين اسڪول ۾ حافظ محمد بخش هيڊ ماستر هو. حافظ محمد بخش سٺو شاعر، سٺو سگهڙ ۽ سنڌي جو سٺو ڄاڻو هو. مونکي ايتري قدر ڀائيندو هو جو برانچ اسڪول ميل پنڌ هئڻ باوجود جڏهن به ڪنهن دوست جي دعوت تي ويندو هو ته مونکان سواءِ ڪونه ويندو هو. واه! حافظ به عجيب انسان هو سچ ته ههڙا ماڻهو دنيا مان لڏي ويا ۽ سندن ڇڏيل خال ڪنهن به نه ڀريو. هڪ ڀيري ڳالهين ڪندي مونکي چيائين ته غلام صديق! دنيا ۾ رڳو مرد مرڻ کانپوءِ به زنده نه آهن. اڄوڪي دور ۾ عورتون به آهن جيڪي مرڻ کانپوءِ به ميون نه آهن مون وراڻيو ته اهو ڪيئن ؟ هڪڙي اسڪول ۾ استاد هيس اتي هڪ پوڙهي عورت هئي جنهن کي مون ماءُ ڪري سڏيو هو ۽ انهن وٽ ئي منهنجي رهائش هئي. جڏهن اتان بدلي ٿي ماءُ موکي چيو ته ابا! وڃڻ محل موڪلائي وڃجانءِ. آءٌ کانئس موڪلائڻ ويس ته، مونکي هڪ قرآن شريف جو تحفو ڏنائين ۽ چيائين ته ابا ”آءٌ مرڻ ڪنڌي آهيان هي قرآن شريف مون پنهنجن هٿن سان لکيو آهي توکان سواءِ ٻيو ڪو لائق نه ٿي سمجھان جنهن کي ڏيان تنهنڪري تون قبول ڪر!“ مون قبول ڪري اکين تي رکيو ۽ ڳوٺ کڻي آيس پوءِ ستت ئي ٻڌم ته اها امڙ فوت ٿي وئي. بس اها ڳالهه ٻڌڻ سان منهنجو خمار مونکي ملامت ڪرڻ لڳو، بلڪل ائين جيئن شاهه صاحب فرمايو ته ”اچي عزرائيل ستي جاڳائي سسئي“ سچ ته منهنجي اندر واري سسئي ستل هئي، ۽ حافظ، الله بهشت نصيب ڪريس جاڳائي وڌي. قرآن شريف لکڻ وڏو ڪم ۽ ڪٺن هو تنهنڪري ڊپ ٿيم ته ڪٿي اڳتي هلي ٿڪجي نه پوان! تنهنڪري ان ايرادي کي ڪجھ وقت لاءِ اندر ئي اندر ۾ مضبوط ڪندو رهيس آخرڪار 1967ع ۾ موري مان وڃي سرهيه پريس مان سٺا سفيد پنا وٺي آيس، مس گلاب جي پاڻيءَ ۾ تيار ڪيم ۽ پين جي نب ڪٽي قلم ٺاهيم ۽ ڪم شروع ڪيم پنج مهينا مس گزريا ته منهنجي بدلي ڳوٺ موليڏني ماڇي اسڪول ۾ ٿي. ٽي سيپارا رهجي ويا هئا جيڪي گھر ۾ لکيم ۽ جلد به مون پاڻ ٻڌو ان کانپوءِ چيڪ ڪرڻ ۾ به تقريبن ڇهه مهينا کن لڳي ويا.
                      منهنجي ٻئي نمبر پٽ محمد (ثاني) جا گردا فيل ٿي ويا غربت جو جهان هو علاج لاءِ ڳچ پئسا گھربا هئا ٻيو ڪو ذريئو نه هئو مجبورن نوڪريءَ تان ريٽائر ٿيڻو پيو اهڙي طرح سندس والده گردو ڏنو ۽ ٽرنسپلانٽيشن ٿيو اهو جنوري 29 -1989 ع هو. المختصر 8 سال ڌاريو گردو مس هليو اهو به فيل ٿي ويو بس پوءِ ڊائلاسس کان سواءِ سندس ٻيو ڪو سهارو ڪونه هو. سندس سنڀال لاءِ مونکان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونه هو اهڙي طرح مونکي گهربه ڇڏڻو پيو ۽ گھر بدرٿي ويس ڪراچيءَ ۾ پرائويٽ اسڪول ۾ 1500روپيه پگھار سان ڪم ڪرڻو پيو. رزق رازق جي هٿ آهي هڪ مسجد ۾ پيش امامت به ملي ان کانسواءِ ڀرت واري مشين وٺي ڀرت جو ڪم ڪيم۽ پنجن ڀاتين واري گاڏي ڌڪڻي پئي سا ڌڪيم. گردا ته اڳ ئي فيل هئا صرف ڊائلاسس ذريعي ثانيءَ جي زندگي آسان ڪرڻي هئي جيڪا صرف ڇهه سال هئي 11.3.2001 تي سندس حياتيءَ جي شمع هميشه هميشه لاءِ وسامي وئي. ڪراچي ڇڏي ڇهن سالن کانپوءِ وري ڳوٺ آيس ڀرت جو ڪم ڪندو هيس ته سيف الله ملڪ مجبور ڪيو ته آءٌ سندس اسڪول ”مون اسٽار ڪي جي گرامر اسڪول“ سنڀاليان ۽ سمڀاليم ستت ئي اهو اسڪول مسٽر امير باغائي جي مالڪي ۾ اچي ويو. هن کان اڳ محمد يوسف چانڊيو مرحوم مونکي مجبور ڪيو ته کيس هڪ سورهن سوره جيڪو ننڍي تختي ۽ اردو ترجمي جي ڪري مشڪل ٿي پيو آهي اهو کيس وڏي تختي ۽ سنڌي ترجمي سان لکي ڏيان. مشڪل ڪم هيو ڏاڍو لهرايم پر سندس ستائڻ جي اڳيان منهنجي نه هلي مجبورن اهو ڪم به ڪيم. هن وقت ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي مون وٽ موجود آهي. امير باغائي جي اسڪول ۾ 2003 کان 2007 تائين ڪم ڪيم پر سندس فيصلا ۽ قانون مونکان ڏکيا هئا. تنهنڪري 9.10.2007 تي کيس ڇڏي آيس.امير صاحب جي روش مونکي پنهنجي اسڪول کولڻ لاءِ مجبور ڪيو۽ اڄ ”برائيٽ فيوچر ايليمينٽري اسڪول“ جي نالي سان پنهنجو اسڪول هلائي رهيو آهيان. مون پنهنجي سرورس محنت ۽ ايمانداري سان ڪئي جنهن ڪري سڀ ڪو سائين سڏي ٿو. گھر ۾ گھڙي به واندو نه ويهندو هئس جنهن ڪري مونکي منهنجي ماسي ”حمام دستو“ سڏيندي هئي. 1967 کان 1988 تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ نوڪري ڪيم ۽ پرائمري استاد هوندي  سروس مڊ اسڪول سيّد بچل شاهه (15سال) مڊل اسڪول اليمينٽري ڪاليج ۾ (5سال) ڪيم ۽ مئٿس ۽ انگلش پڙهائيندو رهيس. ٻنهي اسڪولن جو انتظام ۽ رڪارڊ منهنجي ذميداريءَ ۾ هو. هتي قصو مختصر ڪجي ٿو.
(الراقم: غلام صديق پٺاڻ)

0 comments:

Post a Comment